ڪراچي: ڀيڻ ۽ ڀاءُ تي تشدد، ايس ايس پي فدا جانوري جي سس، سالِي، سالَي ۽ پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل

3 Min Read

ڪراچي(ويب نيوز) ڪراچي جي علائقي  ڊي ايڇ اي ۾ عورت ۽ سندس ڀاءُ تي تشدد جي الزام هيٺ ايس ايس پي فدا حسين جانوري جي سَسُ، سالِي، سالَي ۽ پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ ايس ايس پي ڪورنگي فدا جانوري جي عزيز عورت تشدد جو نشانو بڻيل عورت خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو.

نئين ڪيس ۾ نامزد عورت مبينا طور وڊيو ۾ پوليس اهلڪارن جي مدد سان متاثر عورت ۽ سندس ڀاءُ تي تشدد ڪندي نظر اچي ٿي.

واقعي جي وڊيو سامهون اچڻ کان پوءِ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پاران ڊي آءِ جي سائوٿ کي جاچ جا حڪم ڏنا ويا هئا.

ڊي آءِ جي سائوٿ مبينا طور پنهنجي رپورٽ ۾ ايس ايس پي جي عزيزن ۽ پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي.

درخشان ٿاڻي تي متاثر عورت جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته 20 آگسٽ 2026ع رات پوڻا 12 وڳي هڪ پوليس اهلڪار سندن گهر جي گهنٽي وڄائي ۽ چيو ته ”ميڊم مريم هيٺ سڏي رهي آهي“.

فرياد موجب ڪجهه دير کان پوءِ مريم گاريون ڏيندي مٿي آئي ۽ گهر جي دروازي کي لتون هڻڻ لڳي، دروازو کولڻ تي هن مبينا طور عورت کي وارن کان پڪڙي ورتو ۽ سندس موبائل فون کسي هيٺ اڇلائي ڇڏيو.

فرياد ۾ وڌيڪ الزام آهي ته عورت جي ماءُ ٻاهر آئي ته کيس به وارن کان پڪڙي مارڪٽ ڪئي وئي.

فريادي عورت موجب مريم ٻيهر پنهنجي ڌيءَ سان گڏ مٿي آئي، جڏهن ته ساڻس پوليس اهلڪار به موجود هئا، انهن ايندي ئي موبائل فون کسڻ جي ڪوشش ڪئي، مريم جي ڌيءَ هٿ ۾ کنيل ڊمبل سان مارڪٽ شروع ڪري ڇڏي.

فرياد ڪندڙ عورت جو چوڻ آهي ته هوءَ ۽ سندس ڀاءُ ماڻهن جي خوف کان جان بچائي فليٽ اندر داخل ٿي ويا ۽ مدد لاءِ 15 تي فون ڪيو.

الزام موجب فليٽ جي ٻاهران موجود پوليس اهلڪارن دروازي تي لڳل ڪيمرا ٽوڙي ڇڏيا. ڪجهه دير کان پوءِ درخشان ٿاڻي جي پوليس گهر جو دروازو ٽوڙڻ لڳي ۽ دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿي وئي.

فرياد موجب پوليس عورت ۽ سندس ڀاءُ جا موبائل فون به کسي ورتا ۽ ٻنهي کي ٿاڻي وٺي وئي.

واضح رهي ته واقعي کانپوءِ درخشان پوليس متاثر خاندان خلاف ئي ڪيس داخل ڪري کين جيل موڪلي ڇڏيو هو.

Share This Article
Leave a Comment