مِٺياڻي ۾ دفاع پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي ريلي

1 Min Read

نوشهروفيروز(محمد عادل عباسي) دفاعِ پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان ايڪس سروس مين جي سهڪار سان مِٺياڻي شهر ۾ ريلي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ اڳوڻن فوجين، شهرين ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ملڪ جي دفاع خاطر جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

ريلي دوران پاڪستان جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري وئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن شهيدن ۽ غازين جي قربانين کي ساراهيو.

Share This Article
Leave a Comment