نوشهروفيروز(محمد عادل عباسي)سيپڪو ايڪسين آفيس نوشهروفيروز جو آفيس سپرنٽيڊنٽ اظهار جوکيو پراسرار نموني گم ٿي ويو، جنهن سبب سندس گهر ڀاتي سخت پريشان آهن.
وارثن موجب اظهار جوکيو ڪالهه عدالت مان واپسي دوران اوچتو گم ٿي ويو، جڏهن ته سندس موبائل فون پڻ لڳاتار بند اچي رهيا آهن.
گم ٿيل ملازم جي ڀاءُ جهانزيب جوکيو جو چوڻ آهي ته سندس ڀاءُ ڪالهه ساڻس گڏ عدالت ۾ موجود هو، اتان گهر ويندي گم ٿي ويو.
جهانزيب جوکيو موجب ڀاءُ جي گمشدگي بابت نوشهروفيروز ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي وئي آهي.
اظهار جوکيو جي پراسرار گمشدگي سبب وارثن ۾ سخت ڳڻتي پکڙيل آهي، جڏهن ته سندس ڳولا جاري آهي.


