گهوٽڪي ۾ ڪار ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب حادثو، عورت سميت 4 ڄڻا فوت

1 Min Read

گهوٽڪي(جعفر شيخ) نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

حادثو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو، جتي تيز رفتار ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ بعد گاڏي بي قابو ٿي ڪلٽيون کائيندي وئي.

اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو 1122 جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون، جتان فوتين جا لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب فوت ٿيلن جو تعلق پنجاب جي شهر احمدپور شرقيه سان ٻڌايو پيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment