نون صوبن، ڪئنالن ۽ ڊيمن جي تعمير خلاف ٺٽي ۾ عوامي تحريڪ جي ريلي

2 Min Read

ٺٽو ( رپورٽر )  سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي مبينا سازشن، معدني وسيلن ۽ زمينن تي قبضن، جلالپور سميت سمورن ڪئنالن ۽ ڊيمن جي تعمير خلاف عوامي تحريڪ پاران عوامي سجاڳي مهم جاري رکي وئي.

عوامي سجاڳي مهم جي سلسلي ۾ ٺٽي ۾ ايڌي سينٽر کان رڪشا اسٽاپ ۽ اتان مين بازار تائين پيادل ريلي ڪڍي وئي، جنهن دوران ڪارڪنن ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن دڪان دڪان تي وڃي هينڊ بل ورهايا ۽ شهرين کي پنهنجي مهم بابت آگاهه ڪيو.

ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، سلمہ لاشاري، ضلعي صدر رزاق چانڊيو، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر خالق گندرو ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 1940ع جي قرارداد تي عمل ڪرڻ بدران ملڪ کي تجربن جي ور چاڙهيو ويو آهي. سندن چوڻ هو ته اڳ ۾ ون يونٽ مڙهي ملڪ کي ٻه اڌ ڪيو ويو، جڏهن ته هاڻي نوان يونٽ ٺاهڻ جون ڳالهيون ملڪ کي وڌيڪ نقصان پهچائي سگهن ٿيون.

اڳواڻن چيو ته عوام جي راءِ کي نظرانداز ڪري ڪنهن به نئين صوبي يا يونٽ جو قيام قبول نه ڪيو ويندو. هنن چيو ته سنڌي قوم فيصلو ڪري چڪي آهي ته سنڌ ۾ ڪو به نئون صوبو، نئون يونٽ يا جنرل مشرف وارو مڪاني نظام قبول ناهي.

عوامي تحريڪ جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتيءَ جي انچ انچ جي حفاظت ڪندو ۽ سنڌ ۾ ڪنهن به نئين يونٽ يا نئين صوبي جي قيام جي اجازت نه ڏيندو.

هنن سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي تي مبينا قبضن کي به رد ڪندي چيو ته ساحلي وسيلن تي غير جمهوري قوتن جو قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment