ملير (رپورٽر) شاهه لطيف ٽائون پوليس جا 2 ڌار ڌار مبينا مقابلا ٿيا، جن ۾ پوليس موجب 1 ڏوهاري مارجي ويو، جڏهن ته زخمي سميت 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب انور عباسي هوٽل ڀرسان مبينا مقابلي دوران مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ عدنان خان طور ٿي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته شاهه لطيف ٽائون ۾ مبينا مقابلي دوران گرفتار ڪيل جوابدار عجب علي ڪجهه ڏينهن اڳ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي شهري ڪاشف کي موبائل فون نه ڏيڻ تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو.
پوليس موجب گرفتار جوابدار عجب علي وٽان مقتول شهري جو موبائل فون پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عبدالطيف ۽ عجب علي عادي ڏوهاري آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن وٽان مجموعي طور 3 پسٽل ۽ ڦر ڪيل موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن.
مارجي ويل جوابدار جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ، جڏهن ته زخمي جوابدارن کي علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


