بدين: سروس اسٽرڪچر لاءِ پرائمري استادن جو احتجاج، نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو مطالبو

1 Min Read

بدين (رپورٽر اسحاق شيخ) پ ٽ الف جي سڏ تي پرائمري استادن پاران سروس اسٽرڪچر سميت جائز مطالبن جي منظوري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

غريب آباد پرائمري اسڪول کان بدين پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ استادن شرڪت ڪئي. مظاهرين مطالبن جي حق ۾ نعريبازي ڪندي سنڌ حڪومت کان سروس اسٽرڪچر جو نوٽيفڪيشن فوري جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

ان موقعي تي پ ٽ الف ضلع بدين جي صدر منظور آريسر، ڊويزنل جنرل سيڪريٽري صوفي سرمد، سينئر نائب صدر برڪت ميمڻ، تعلقه صدر سليم ترڪ، علي اڪبر شاهه ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.

اڳواڻن چيو ته پرائمري استاد ڊگهي عرصي کان جائز حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، پر سندن مطالبن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. هنن تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سروس اسٽرڪچر جو نوٽيفڪيشن بنا دير جاري ڪري مسئلا حل ڪيا وڃن.

اڳواڻن خبردار ڪيو ته مطالبا منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ وڌيڪ سخت ۽ وسيع ڪئي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment