اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پاران برآمدات وڌائڻ لاءِ واپاري برادري کان تجويزون طلب

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي لازمي طور برآمدات تي ٻڌل هجڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ معاشي ترقي جو ڪو خاص فائدو نه ٿيندو.

اسلام آباد ۾ واپاري ۽ صنعتي شعبي جي اڳواڻن سان اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ حڪومت ڪاروباري برادري جي راءِ ڄاڻڻ چاهي ٿي ته برآمدات ڪيئن وڌائي سگهجن ٿيون ۽ ان حوالي سان ڪهڙا چئلينج سامهون اچي سگهن ٿا.

شهباز شريف چيو ته حڪومت بجيٽ کان اڳ واپاري برادري سان تفصيلي مشاورت ڪئي ۽ گذريل اڍائي سالن دوران اهم ڍانچائي سڌارا ڪيا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته عملدرآمد ذريعي هڪ سال دوران 800 ارب رپيا وصول ڪيا ويا، جڏهن ته ڪو نئون ٽيڪس لاڳو نه ڪيو ويو.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان هاڻي معاشي استحڪام کانپوءِ پائيدار ترقي طرف وڌڻ لاءِ تيار آهي، جنهن ۾ ڪاروباري برادري جو ڪردار اهم هوندو.

ٻئي طرف حڪومت جو هدف گهٽ ۾ گهٽ 6 سيڪڙو پائيدار معاشي واڌ حاصل ڪرڻ آهي، جنهن لاءِ برآمد ٿيندڙ شين ۽ عالمي مارڪيٽن کي متنوع بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو پيو وڃي.

حڪومت طرفان ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن لاءِ ايڪسپورٽ ڪريڊٽ انشورنس جي سهولت پڻ متعارف ڪرائي وئي آهي، جنهن لاءِ 3 ارب رپين جو رسڪ پول قائم ڪيو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment