ڊاڪٽر ٿيڻ جي خواهشمندن لاءِ خوشخبري

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  سنڌ ۾ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ 2026 جو امتحان 20 سيپٽمبر تي ٿيندو. سِبا ٽيسٽنگ سروسز موجب امتحان سنڌ جي مختلف شهرن سان گڏ اسلام آباد ۾ پڻ ورتو ويندو.

امتحان ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، شهيد بينظيرآباد، سکر ۽ اسلام آباد ۾ ٿيندو.

ڪراچي ۾ امتحاني مرڪز اين اي ڊي  يونيورسٽي ۽ ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي اوجھا ڪيمپس ۾ قائم ڪيا ويا آهن.

حيدرآباد ۾ پبلڪ اسڪول، يونٽ نمبر 3 لطيف آباد ۽ ڄامشورو ۾ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز کي امتحاني مرڪز مقرر ڪيو ويو آهي.

ميرپورخاص ۾ امتحان مير شير محمد ٽالپر پبلڪ اسڪول، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ پوليس ٽريننگ اسڪول گرائونڊ، واگن روڊ تي ٿيندو.

شهيد بينظيرآباد ۾ اميدوار قائدِ عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ سکر ۾ IBA پبلڪ اسڪول، اولڊ ايئرپورٽ روڊ تي امتحان ڏيندا.

سنڌ جا اهي رهواسي جيڪي اسلام آباد منتقل ٿي ويا آهن، اهي پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، سيڪٽر F-5/1 ۾ امتحان ڏيندا.

STS موجب امتحان جو مدو 3 ڪلاڪ هوندو. اميدوارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو مقرر وقت تي پنهنجي امتحاني مرڪز تي پهچن.

واضح رهي ته پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل  وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي MDCAT جو امتحان 16 آگسٽ کان ملتوي ڪري 20 سيپٽمبر تي رکيو هو. ڪائونسل موجب امتحان کي ملتوي ڪرڻ جو مقصد امتحان جو محفوظ، شفاف ۽ منظم انعقاد يقيني بڻائڻ هو.

Share This Article
Leave a Comment