ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مير رضا علي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، صوبائي گهرو ۽ قانون واري وزير ضياءَ الحسن لنجار انڪوائري ڪميشن آڏو پيش ٿي ويو. ڪميشن صوبائي وزير جي فوري طور پيش ٿيڻ ۽ مڪمل سهڪار جي خاطري کي ساراهيو، جڏهن ته ڪميشن جي آرڊر شيٽ موجب وارثن جي وڪيل جبران ناصر به وزير جي وضاحت کي ساراهڻ جي درخواست ڪئي.
ڪميشن قرار ڏنو ته صوبائي وزير جي ذاتي طور پيش ٿيڻ ۽ مڪمل سهڪار جي خاطري قابلِ تعريف آهي، جڏهن ته معاملي تي پيدا ٿيل تڪرار خوش اسلوبي سان حل ٿي ويو آهي. ٻڌڻي دوران مير رضا علي جا والد، والده ۽ ڀيڻ پڻ ڪميشن آڏو موجود هئا، جڏهن ته وارثن جو وڪيل جبران ناصر به ڪارروائي ۾ شريڪ ٿيو.
صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته سنڌ حڪومت شفاف، آزاد ۽ منصفاڻي جاچ يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. سندس چوڻ هو ته گذريل ٻڌڻي دوران غلط فهمي پيدا ٿي هئي، جڏهن ته ڪميشن جي ڪارروائي ۾ مداخلت ڪرڻ سنڌ حڪومت جي هدايت نه هئي.
ضياءَ الحسن لنجار وڌيڪ چيو ته وارثن جي سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ ڪا رڪاوٽ وجهڻ جي هدايت نه ڏني وئي هئي ۽ سنڌ حڪومت ڪميشن سان مسلسل، بنا رنڊڪ ۽ مڪمل سهڪار جاري رکندي.


