لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لارڊز ٽيسٽ کانپوءِ پاڪستاني ٽيم مان ڊراپ ڪيل ڪرڪيٽر محمد رضوان ۽ امام الحق نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي آڏو پيش ٿي ويا. ذريعن موجب ٻنهي ڪرڪيٽرن کان جوهر ٽائون ۾ قائم اين سي سي آءِ اي آفيس ۾ لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن تائين پڇا ڳاڇا ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي کان انگلينڊ سيريز دوران مبينا ڊريسنگ روم جون ڳجهيون ڳالهيون ٻاهر اچڻ واري معاملي بابت سوال ڪيا ويا، جڏهن ته انگلينڊ ۾ پريڪٽس ۽ ميچن دوران مختلف ماڻهن سان رابطن ۽ ملاقاتن بابت پڻ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي.
ذريعن موجب محمد رضوان ۽ امام الحق سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ وڌيڪ وقت گهري ورتو آهي. اين سي سي آءِ اي طرفان ٻنهي ڪرڪيٽرن جا موبائل فون کولرائي انهن جي ڊيٽا جي جاچ پڻ ڪئي ويندي.
ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ٻنهي رانديگرن جا موبائل فون اين سي سي آءِ اي حوالي ڪيا ويا هئا. ٻئي طرف پي سي بي معاملي تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪندي چيو آهي ته جاچ جاري هجڻ سبب في الحال ڪو بيان نه ڏنو ويندو.


