ڏهرڪي (رپورٽ: علي رضا راجپوت) ڏهرڪي جي ليبر ڪالوني مان 20 ورهين جي نوجوان آصف سميجو جو گولي لڳل لاش هٿ آيو آهي.
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ موت جو اصل سبب واضح ٿي سگهندو.
هوڏانهن نوجوان جي والد عابد سميجو جو چوڻ آهي ته سندس پٽ خودڪشي ڪئي آهي، پر هن کي خبر ناهي ته آصف اهڙو قدم ڪهڙي سبب کنيو.
والد موجب، آصف نائين جماعت جو شاگرد هو، صبح جو هو کيس اسڪول ڇڏي ڊيوٽي تي ويو، ته ڪجهه دير بعد گهران فون آيو ته آصف سان واقعو پيش آيو آهي.


