نوشهروفيروز(عادل خشڪ) ٽنڊوالهيار ۾ ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين سان پيش آيل واقعي خلاف نوشهروفيروز جي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪارو ڏينهن ملهايو ۽ احتجاجي ريلي ڪڍي.
ڊاڪٽرن سول اسپتال کان مين گيٽ تائين ريلي ڪڍي، سخت نعريبازي ڪئي. احتجاج جي اڳواڻي ڊاڪٽر بدر ابڙو، ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر، سعود ٻوهيو، اشرف قريشي ۽ ٻين ڪئي.
ان موقعي تي ڊاڪٽر اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽنڊوالهيار ۾ ڊي سي پاران اسپتال جي ايم ايس، ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين سان مبينا بدتميزي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.
هنن چيو ته ٽنڊوالهيار جي ڊاڪٽرن احتجاج طور استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن، جنهن تي پوري سنڌ جا ڊاڪٽر ساڻن گڏ آهن ۽ هر قدم تي سندن ساٿ ڏيندا.
ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته اڄ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن ڊاڪٽرياڻي کي انصاف نه مليو ته سنڌ جون اسپتالون بند ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين.


