سکر: پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن خلاف احتجاج، وزيراعظم جي پتلي کي باهه

1 Min Read

سکر (رپورٽر) پيٽروليم شين جي وڌندڙ قيمتن خلاف سکر شهري اتحاد پاران گهنٽا گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ واپس وٺڻ ۽ عوام کي فوري رليف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

احتجاج دوران سکر شهري اتحاد جي اڳواڻن مولانا عبيدالله ڀٽو، عبدالحق مهر ۽ ٻين ڪارڪنن وزيراعظم شهباز شريف جي پتلي کي باهه ڏئي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. اڳواڻن چيو ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ سبب ٽرانسپورٽ، کاڌي پيتي ۽ روزمرهه جي شين جا اگهه پڻ وڌي رهيا آهن، جنهن سان مزدور، پورهيت، واپاري، شاگرد ۽ وچولو طبقو سخت متاثر ٿي رهيو آهي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ واپس وٺي مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي.

Share This Article
Leave a Comment