اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سهيل آفريدي سميت 24 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي سميت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي 24 قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين ماڻهن جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.
عدالت اسد قيصر، شهرام ترڪئي، شاهه احد، شير علي ارباب، محمد اقبال آفريدي، ڊاڪٽر امجد علي، جنيد اڪبر، عمر ايوب ۽ ٻين جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته رڪارڊ موجب جوابدار ڪيس ۾ نامزد آهن، جڏهن ته جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته جوابدار قانوني عمل کان بچڻ لاءِ ملڪ مان فرار ٿي سگهن ٿا. عدالت موجب جوابدارن تي رياستي ادارن تي حملن ۽ دهشتگردي جي الزامن سميت سنگين الزام آهن.
عدالت جاچ آفيسر جي درخواست منظور ڪندي وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) کي حڪم ڏنو ته لاڳاپيل ماڻهن جا پاسپورٽ ايندڙ حڪمن تائين بلاڪ ڪيا وڃن.
اهو ڪيس ٿاڻي ڪوهسار ۾ داخل ڪيل ڪيس سان لاڳاپيل آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين فيصلو جاري ڪيو.


