سنڌ اسيمبلي ۾ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2026 منظور، اپوزيشن جو احتجاج، عدالت وڃڻ جو اعلان

2 Min Read

ڪراچي ( رپورٽ: آزاد ميراڻي )  سنڌ اسيمبلي مڪاني حڪومت جي قانون ۾ ترميمن بابت سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2026ع اڪثريتي ووٽن سان منظور ڪري ورتو.

صوبائي وزير قانون ضياءُ الحسن لنجار بل ايوان ۾ پيش ڪيو ته اپوزيشن ميمبرن سخت احتجاج ڪيو، نعريبازي ڪئي ۽ بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.

اپوزيشن جي احتجاج باوجود بل تي ووٽنگ ڪرائي وئي، جنهن دوران سنڌ اسيمبلي بل کي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو. اجلاس اڱاري ڏينهن منجهند 3 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

اجلاس کانپوءِ اپوزيشن ميمبرن بل خلاف عدالت سان رجوع ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق چيو ته مڪاني ادارن جي قانون ۾ گهربل اختيار موجود ناهن ۽ سنڌ حڪومت ڪيترائي اختيار پاڻ وٽ رکيا آهن. هن بل کي جمهوريت مخالف قرار ڏيندي چيو ته جماعت اسلامي ان خلاف عدالت ويندي.

ايم ڪيو ايم جي مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي بل جي منظوري کي ”سياسي آمريت“ قرار ڏيندي چيو ته اپوزيشن جو موقف نه ٻڌو ويو ۽ مڪاني ادارن کي اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي ضروري آهي.

ايم ڪيو ايم جي ميمبر افتخار عالم چيو ته پارٽي بل جي مخالفت ڪميٽي اندر به ڪئي ۽ ايوان ۾ به احتجاج ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment