پيٽروليم شين جي وڌندڙ قيمتن سبب وفاقي حڪومت پاران اسمارٽ لاڪ ڊائون تي غور

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پيٽروليم شين جي وڌندڙ قيمتن ۽ ٻارڻ جي بچت لاءِ وفاقي حڪومت ”پيٽروليم اسمارٽ لاڪ ڊائون“ لاڳو ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اسمارٽ لاڪ ڊائون بابت حتمي فيصلو جلد ڪيو ويندو. تجويز تحت سرڪاري ۽ خانگي آفيسن ۾ هفتي جا 4 ڏينهن ڪم ڪرائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي موڪل رکڻ جي تجويز آهي.

سرڪاري ملازمن کي روٽيشن جي بنياد تي ڪم ڪرائڻ جو فارمولو پڻ غور هيٺ آهي، جڏهن ته آمدورفت گهٽائڻ لاءِ مختلف قدمن تي غور جاري آهي.

ذريعن موجب بازارن کي هفتي ۾ 3 ڏينهن بند رکڻ ۽ ڪاروباري مرڪزن جا اوقات ڪار گهٽائڻ بابت به تجويزون غور هيٺ آهن.

Share This Article
Leave a Comment