غلام مرتضيٰ جتوئي سنڌ ۾ انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي حمايت ڪري ڇڏي
نوشهروفيروز ( رپورٽر) نيشنل پپيلپزپارٽي جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي سنڌ ۾ انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي حمايت ڪندي چيو آهي ته مسئلن جو حل نوان انتظامي يونٽ آهن، صوبا ساڳيا هجن، ضلعي يا ڊويزن سطح تي يونٽ ٺاهيا وڃن ته بهتري ايندي.
نوشهروفيروز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته انتظامي يونٽن جي حمايت لاءِ پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن.
غلام مرتضيٰ جتوئي وڌيڪ چيو ته اختيار صوبن کان هيٺ منتقل ٿيڻ گهرجن، صوبا ساڳيا ئي رهن، قانونسازي به صوبائي اسيمبلي ۾ ٿيڻ گهرجي.


