Focus with Zardari

ريبيز جا 83 هزار ڪيس، حڪومت ناڪام ٿي وئي، فوتين جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپيا معاوضو ڏنو وڃي: صحت جا ماهر

2 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ رولو ڪتن جي حملن ۽ ريبيز جي وڌندڙ ڪيسن تي صحت جي ماهرن سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي حڪومت کان انساني جانين جي تحفظ لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (PMA) ڪراچي پاران منعقد بريفنگ ۾ ڊاڪٽر مرزا علي اظهر ٻڌايو ته 2025ع دوران سنڌ ۾ ڪتن جي چڪ جا 285,000 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 2026ع جي پهرين ٽه ماهي دوران 83,000 ڪيس سامهون آيا. هن موجب هلندڙ سال ريبيز سبب 21 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

ماهرن جو چوڻ هو ته ڪتن جي آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ پڪڙڻ، الڳ رکڻ، ويڪسين لڳائڻ ۽ نس بندي وارو نظام لاڳو ڪرڻ ۾ حڪومت ڪامياب نه ٿي سگهي آهي. ڊاڪٽر شاهد ابراهيم ممسا چيو ته موجوده صورتحال ۾ انساني جانين جي تحفظ لاءِ ’انساني طريقي سان ڪتن جي خاتمي‘ سميت سخت قدم کڻڻ تي غور ڪرڻو پوندو.

ماهرن موجب ڪتن جي آبادي تي ضابطو آڻڻ ۽ ڪتن جي چڪ کان بچاءُ جي بنيادي ذميواري صوبائي حڪومت جي آهي. PMA پاران ريبيز سبب فوت ٿيل شخص جي وارثن لاءِ 10 ملين رپيا ۽ ڪتن جي چڪ سبب زخمي ٿيندڙن لاءِ زخمن جي نوعيت موجب 1 کان 3 ملين رپيا معاوضي جي تجويز پڻ ڏني وئي.

- Advertisement -

Share This Article
Leave a Comment