ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي فيلڊ مارشل بابت پنهنجي گذريل ڏينهن واري بيان تي وضاحت ڪندي چيو آهي ته بيان جي مفهوم مان پيدا ٿيل تاثر سندس نيت مطابق نه هو، جنهن تي کيس دلي افسوس آهي.
نثار کهڙي چيو ته فيلڊ مارشل بابت سندس گذريل ڏينهن جي لفظن مان جيڪو مفهوم ورتو ويو، اهو سندس نيت نه هو. هن چيو ته کيس اداري جي وقار جو تمام گهڻو احترام آهي ۽ پنهنجي لفظن سبب پيدا ٿيل ڪنهن به غلط فهمي تي افسوس آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سندس بيان جو مقصد اداري جي توهين ڪرڻ يا ان جي وقار کي ڇيهو رسائڻ نه هو، هو پنهنجي لفظن مان پيدا ٿيل ڪنهن به تاثر تي افسوس جو اظهار ڪري ٿو.


