Focus with Zardari

گمبٽ: هزاره ايڪسپريس مان مسافر ڪري فوت

1 Min Read

گمبٽ(ممتاز ميمڻ) گمبٽ ريلوي اسٽيشن ڀرسان پول نمبر 418 وٽ هزاره ايڪسپريس ٽرين مان ڪري هڪ نامعلوم مسافر فوت ٿي ويو.

اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس ۽ ريلوي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي گمس اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب فوتي مسافر جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته لاش جي حالت سڃاڻپ لائق نه آهي، جڏهن ته فوتي جي کيسي مان به ڪو سڃاڻپ ڪارڊ يا ٻيو دستاويز هٿ نه آيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته لاش گمس اسپتال جي سردخاني ۾ رکيو ويو آهي. فوتي جي سڃاڻپ ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment