راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته افغان سرزمين تان پاڪستان اندر ٿيندڙ دهشتگردي روڪڻ طالبان حڪومت جي ذميواري آهي.
عرب نيوز کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته افغان طالبان حڪومت کان پاڪستان جو هڪ ئي واضح مطالبو آهي ته هو پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي.
هن دعويٰ ڪئي ته 80 سيڪڙو آپگهاتي بمبار افغان شهري آهن، جڏهن ته افغانستان کان پاڪستان ايندڙ هر دهشتگرد گروهه ۾ افغان شهري موجود هوندا آهن.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته جيڪڏهن افغان طالبان حڪومت دوحا معاهدي تحت ڪيل واعدن تي عمل نه ٿي ڪري ته پاڪستان کي پنهنجي دفاع جو مڪمل حق حاصل آهي.
بلوچستان جي صورتحال بابت ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگردن کي عوامي حمايت حاصل ناهي ۽ هو بندوق جي زور تي پنهنجو نظريو مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جي سرپرستي ڀارت ڪري رهيو آهي ۽ سوشل ميڊيا به ٻاهرين ملڪن مان هلائي پئي وڃي.
هن واضح ڪيو ته رياست جي پاليسي بلڪل واضح آهي ۽ دهشتگردن سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ويندي.
سعودي عرب بابت ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان عملي ۽ سفارتي طور سعودي عرب سان گڏ بيٺل آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان سعودي قيادت جي ضرورت موجب حرمين شريفين ۽ سعودي عرب جي حفاظت لاءِ هر ممڪن سهڪار لاءِ تيار آهي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته سعودي عرب جي سلامتي لاءِ پاڪستان جو عزم غير مشروط آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تاريخي ۽ مضبوط آهن. هن چيو ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت سعودي قيادت سان مسلسل رابطي ۾ آهي.


