Focus with Zardari

ڪراچي: لياقت آباد اسپتال مان 3 ورهين جي نينگري مبينا اغوا، 36 ڪلاڪن باوجود پتو نه پيو

1 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ گورنمينٽ اسپتال لياقت آباد مان 3 ورهين جي عائشه عثمان جي مبينا اغوا کي 36 ڪلاڪ گذري ويا، پر پوليس اڃا تائين نينگري کي ڳولڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي.

نينگري جي ناني پوليس کي بيان ڏنو آهي ته عائشه عثمان پنهنجي امڙ ۽ ناني سان گڏ دوائون وٺڻ لاءِ اسپتال وئي هئي. عائشه جي امڙ گائني وارڊ ۾ چيڪ اپ لاءِ وئي، جڏهن ته ناني دوائن جي قطار ۾ بيٺل هئي. ان دوران مبينا طور نامعلوم عورت نينگري کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ ساڻس گڏ کڻي هلي وئي. عائشه جي ڀيڻ فاطمه پڻ ان وقت اسپتال ۾ موجود هئي.

پوليس موجب واقعي جو ڪيس شريف آباد ٿاڻي تي نينگري جي ناني جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسپتال ۽ علائقي ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان نينگري جي ڳولا جاري آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري بابت معلومات ڏيندڙ شهري شريف آباد ٿاڻي يا مددگار 15 تي اطلاع ڪن.

عائشه عثمان جي امڙ ٽنڊو آدم مان پنهنجي والده سان ملڻ لاءِ ڪراچي آئي هئي. گم ٿيڻ وقت نينگري ڳاڙهي رنگ جو لباس پهريل هئي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment