Focus with Zardari

خيرپور: شاهه لطيف پوليس جي ڪارروائي، 2 ڪلو منشيات هٿ، 4 جوابدار گرفتار

1 Min Read

خيرپور (رپورٽر) شاهه لطيف پوليس قومي شاهراهه تي ڪارروائي ڪندي 2 ڪلو منشيات هٿ ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايڇ او ذوهيب شيخ موجب ڀرڳڙي وٽ ڪارروائي دوران منشيات هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب گرفتار جوابدار جمال الدين بگٽي، روشن موريجو، فائق لاشاري ۽ ثاقب مغل مبينا طور ضلعي اندر منشيات سپلاءِ ڪندا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري وڏي ڪاميابي آهي.

Share This Article
Leave a Comment