ڪراچي (رپورٽر) ايم ڊي ڪيٽ جي مبينا تڪراري آنسر ڪييز خلاف اميدوارن ايڊووڪيٽ محمد نواز ڏاهري معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.
درخواست ۾ پي ايم ڊي سي، سکر آءِ بي اي، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي سميت 6 ڌرين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواستگذارن عدالت کان مطالبو ڪيو آهي ته ايم ڊي ڪيٽ جو سوالنامو ۽ آنسر ڪييز 3 ڏينهن اندر ويب سائيٽ تي جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سوالنامو دستياب نه هجڻ سبب اميدوار آنسر ڪييز کي صحيح طريقي سان چئلينج نٿا ڪري سگهن. اميدوارن مطالبو ڪيو آهي ته سمورن اميدوارن کي سوالنامو فراهم ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي جوابن جو جائزو وٺي سگهن.
درخواست موجب 20 سيپٽمبر تي ايم ڊي ڪيٽ امتحان ورتو ويو، پر اميدوارن کي رڳو جوابي شيٽ جي ڪاربان ڪاپي ڏني وئي ۽ سوالنامو پاڻ سان کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي.
وڪيل محمد نواز ڏاهري موجب چند نمبرن جو فرق به ميرٽ ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو. درخواست ۾ عدالت کان حتمي ميرٽ لسٽ جاري ڪرڻ ۽ داخلا وارو عمل مڪمل ڪرڻ کان اڳ معاملي کي شفاف بڻائڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.


