تلهار (رپورٽر) تلهار سميت لاڙ پٽ ۾ سارين جي بمپر فصل جي لابارن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، پر سارين جو مناسب اگهه نه ملڻ ۽ موسچر جي آڙ ۾ ڪٽوتي سبب آبادگارن ۽ هارين جي چهرن تي خوشي بدران مايوسي ڇانيل آهي.
آبادگارن جو چوڻ آهي ته فصل جي تياري لاءِ ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائن، پاڻي ۽ ڊيزل سميت مختلف خرچن ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي، پر فصل لهڻ وقت سارين جو مناسب اگهه نه ملڻ سبب کين لاڳت به پوري ٿيڻ بابت خدشا آهن.
آبادگارن وڌيڪ چيو ته سارين جي خريداري دوران موسچر جي نالي تي اضافي ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي، جنهن سان سندن آمدني وڌيڪ متاثر ٿئي ٿي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سارين جو مناسب اگهه مقرر ڪري موسچر جي نالي تي ٿيندڙ ناجائز ڪٽوتين جو سلسلو بند ڪرايو وڃي.


