بدين (رپورٽر) گريڊ 1 کان 4 تائين ڀرتين ۾ مبينا بي ضابطگين ۽ شڪايتن جي معاملي تي سنڌ حڪومت شروعاتي ڪارروائي ڪندي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري بدين الطاف حسين ميمڻ ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري انور پارابي کي 90 ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب ٻنهي آفيسرن جي معطلي کي ڀرتين بابت سامهون آيل شڪايتن ۽ مبينا بي ضابطگين تي پهريون نمايان انتظامي قدم قرار ڏنو پيو وڃي. معطلي کانپوءِ ڀرتين جي عمل بابت وڌيڪ جاچ ۽ ذميوارن جي تعين لاءِ ايندڙ ڪارروائي تي نظرون آهن.
هاڻي اهم سوال اهو آهي ته معاملو رڳو 90 ڏينهن جي معطلي تائين محدود رهندو يا جاچ کانپوءِ ذميوار قرار ڏنل آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن خلاف وڌيڪ کاتي وارين ڪارروائين جو سلسلو به اڳتي وڌايو ويندو.


