خيرپور (رپورٽر) وڏاماڇيون جو رهواسي شاگرد امان الله سمون گذريل ٻن هفتن کان پراسرار نموني گم آهي، جنهن جو ڪٿي به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. وارثن پاران شاگرد جي ڳولا ۽ بازيابي لاءِ مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي.
گم ٿيل شاگرد جي وارثن اسد الله ۽ ٻين موجب، امان الله جي گم ٿيڻ کانپوءِ آس پاس جي علائقن سميت مختلف هنڌن تي سندس ڳولا ڪئي وئي، پر اڃا تائين ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي، جنهن سبب وارث سخت پريشان آهن.
وارثن ٻڌايو ته امان الله جو والد اڳ ئي فوت ٿي چڪو آهي. هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي گم ٿيل نوجوان امان الله سمون جي ڳولا ۽ بازيابي لاءِ قدم کنيا وڃن ته جيئن وارثن جي پريشاني ختم ٿي سگهي.


