Focus with Zardari

نوشهروفيروز: باءِ پاس وٽ ٽرالر ۽ ڪار ۾ خوفناڪ ٽڪر، 5 ڄڻا فوت

1 Min Read

نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز باءِ پاس وٽ ٽرالر ۽ ڪار وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.

پوليس موجب فوتين ۾ هڪ نينگري ۽ عورت سميت 5 ڄڻا شامل آهن. حادثي کانپوءِ ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پوليس موجب ڪار کي ڪٽي فوتين جا لاش ڪڍڻ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته حادثي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment