Focus with Zardari

نون صوبن بدران نظام بهتر ڪيو وڃي، اسلام آباد ناڪام آهي ته ٿر جي حوالي ڪيو: بلاول ڀٽو

2 Min Read

اسلام ڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نظام جي ناڪامي جو حل نوان صوبا ٺاهڻ نه، پر موجوده نظام کي بهتر بڻائڻ آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اسلام آباد انتظام هلائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي ته پوءِ ان کي ٿر واسين جي حوالي ڪيو وڃي.

ٿر ڪول فيز ٿري جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ماضي ۾ اسلام آباد جا ماهر ٿر جي ڪوئلي کي بيڪار قرار ڏيندا هئا، پر اڄ ٿر جي ڪوئلي مان هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. هن ٿر جي ترقي کي آئين ۽ ارڙهين ترميم جي عملي مثال طور پيش ڪيو.

بلاول ڀٽو موجب ٿر ۾ تعليم، صحت ۽ روزگار جي شعبن ۾ به تبديلي آئي آهي، جڏهن ته ٿر ڪوئلي جي منصوبن سبب ملڪي معيشت کي فائدو ۽ پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿي رهي آهي.

هن چيو ته ڪجهه سياسي ڌريون ٿر جي ترقي کي برداشت نٿيون ڪن ۽ ڪراچي ۾ نفرت ۽ ورهاست جي سياست ڪري رهيون آهن، جڏهن ته ٿر جا ماڻهو ترقي جي سفر کي جاري رکڻ چاهين ٿا.

- Advertisement -

بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسلام آباد کي ٿر جي ماڊل تي هلائڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته اسڪولن ۽ اسپتالن سميت عوامي سهولتن ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي.

Share This Article
Leave a Comment