Focus with Zardari

رتوديرو: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نئين سروي آفيس تي مبينا رشوت وٺڻ جون شڪايتون، عورتن جو احتجاج

1 Min Read

رتوديرو (رپورٽ: عصمت الله ڀٽي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نئين سروي ڪندڙ آفيس ۾ مبينا طور ايجنٽ مافيا ۽ عملي جي ملي ڀڳت سان ڪرپشن جون شڪايتون سامهون آيون آهن، مستحق عورتن کان نئين سروي لاءِ 2000 کان 3000 رپيا في ڪارڊ وٺڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.

رتوديرو ۽ ڀرپاسي جي ڏورانهن علائقن مان سروي لاءِ آيل عورتن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته هو غريب آهن ۽ سروي جا پئسا ڏيڻ جي سگهه نٿيون رکن. عورتن جو الزام آهي ته پئسا نه ڏيڻ تي کين آفيس مان ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو، جڏهن ته آفيس اندر ويهڻ ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت مناسب سهولتون به موجود ناهن.

عورتن جو چوڻ آهي ته آفيس ٻاهران ايجنٽ مقرر ٿيل آهن، جيڪي مبينا طور سروي ڪرائڻ لاءِ پئسن جي گهر ڪن ٿا. متاثر عورتن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اعليٰ اختيارين ۽ ٻين وس وارن کان معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائڻ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment