ڪوٽ ڏيجي (رپورٽر) فيض گنج ڀرسان مهران هاءِ وي تي تيز رفتار ڊمپر ڪار سوارن مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
فوتي جي سڃاڻپ ڀرياروڊ واسي رياض حسين ڪيريو طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ شاهد ڪيريو، محمد ڪيريو، 10 ورهين جو ذيشان ڪيريو ۽ سراج شامل آهن.
حادثي بعد ڊمپر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس ڊمپر تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


