Focus with Zardari

ڪشمور: ڪلوڙ برادري جو ٻن ڄڻن لاش رکي احتجاجي ڌرڻو، قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو

1 Min Read

ڪشمور (رپورٽر) استاد الله بچايو ڪلوڙ ۽ ڪاشف حسين ڪلوڙ جي قتل خلاف ڪلوڙ برادري پاران لاش رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن دوران مظاهرين پاران قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي وئي.

مظاهرين موجب استاد الله بچايو ڪلوڙ ۽ ڪاشف حسين ڪلوڙ کي دڪان تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. سندن چوڻ هو ته ٻن بيگناهه شهرين جو قتل رڳو ڪلوڙ برادري نه پر سڄي ڪشمور جو نقصان آهي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته ٻنهي ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment