Focus with Zardari

وزيراعظم شهباز شريف پاران سعودي عرب تي حوثي مليشيا جي حملن جي مذمت

1 Min Read

اسلام آباد(ويب نيوز) وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب تي حوثي مليشيا جي حملن جي سخت مذمت ڪندي شهري جي فوت ۽ زخمي ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي قيادت ۽ عوام سان مڪمل بڌي جو اظهار ڪري ٿو.

وزيراعظم سعودي فوج ۽ اتحادي فورسز جي پيشاور صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته سعودي فوج ۽ اتحادي فورسز ڪيترن ئي بيلسٽڪ ميزائلن کي فضا ۾ ئي تباهه ڪيو.

شهباز شريف مڪي گڏيل دفاعي معاهدي تحت سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ واري عزم کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي پنهنجي عوام، شهرن ۽ اهم ٺڪاڻن جي دفاع واري حق جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.

- Advertisement -

وزيراعظم حوثي مليشيا تي زور ڀريو ته اهي سعودي عرب تي فوري طور حملا بند ڪن.

هن چيو ته پاڪستان هر خطري جي مقابلي ۾ سعودي عرب سان گڏ بيٺل رهندو.

Share This Article
Leave a Comment