Focus with Zardari

نوشهروفيروز: اي ٽي ايم ڪارڊ ذريعي سنڌ ۽ پنجاب ۾ فراڊ ڪندڙ گروهه جا 4 جوابدار گرفتار

2 Min Read

نوشهروفيروز(محمد عادل عباسي) نوشهروفيروز پوليس اي ٽي ايم ڪارڊ ذريعي شهرين سان فراڊ ڪندڙ 14 ڄڻن تي ٻڌل گروهه جي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. گرفتار جوابدارن وٽان 12 لک رپيا ڪيش، مختلف بئنڪن جا اي ٽي ايم ڪارڊ، موبائل فون ۽ مهانگي گاڏي هٿ ڪرڻ جو پڻ پوليس جو چوڻ آهي.

ڊي ايس پي سٽي ڊاڪٽر محمد موسيٰ ابڙو ۽ ايس ايڇ او مرتضيٰ گورچاڻي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته جوابدار نوشهروفيروز ضلعي جي مختلف شهرن جي بئنڪن مان، خاص طور پگهارن جي ڏينهن ۾، پئسا ڪڍرائيندڙ شهرين کي مختلف بهانن سان اي ٽي ايم ڪارڊ وٺي ساڳئي قسم جو ٻيو ڪارڊ ڏئي ڇڏيندا هئا، جنهن بعد سندن اڪائونٽن مان رقم ڪڍرائيندا هئا.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ محرم عرف پرويز علي چانڊيو، ظهير چانڊيو، عرفان بالادي ۽ نعمان هنڱورو شامل آهن. جوابدار مبينا طور پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ وارداتون ڪرڻ کانپوءِ واپس اچي رهيا هئا ته کين مهانگي گاڏي سميت گرفتار ڪيو ويو. گاڏيءَ مان مختلف نمبر پليٽون، 650 بابت ڄاڻايل انگ، مختلف بئنڪن جا اي ٽي ايم ڪارڊ، 12 لک رپيا ڪيش ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا.

ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او موجب جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ۽ وڌيڪ جاچ لاءِ چئن ڏينهن جو رمانڊ ورتو ويو آهي. پوليس دعويٰ ڪئي ته گروهه ضلعي جي 15 بئنڪن مان شهرين سان فراڊ ڪري رقم ڪڍرائي هئي.

- Advertisement -

پوليس عوام کي اپيل ڪئي آهي ته جن شهرين جا اي ٽي ايم ڪارڊ مٽائي رقم ڪڍرائي وئي آهي، اهي پوليس سان رابطو ڪري پنهنجون ايف آءِ آرون داخل ڪرائين، جيئن سندن شڪايتن تي قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي.

Share This Article
Leave a Comment