پنوعاقل (منشاد احمد) پنو عاقل ريلوي اسٽيشن تي رحمان بابا ٽرين جي ٽڪر ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته عورت ۽ نينگري سخت زخمي ٿي پيون.
حادثي ۾ فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ عبدالغفار طور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ خديجه ۽ بشرا شامل آهن.
فوتي ۽ زخمين جو تعلق پنجاب جي شهر فيصل آباد سان ٻڌايو پيو وڃي.


