گمبٽ (ممتاز ميمڻ) پيرڳوٺ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سوين شهرين ٽائرن کي باهيون ڏئي ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
احتجاج ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، استادن، شاگردن، پورهيتن ۽ مختلف برادرين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي نسيم ابڙو، سيد آفتاب شاهه راشدي ۽ ٻين ڪئي.
احتجاج ڪندڙن چيو ته پيرڳوٺ شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، روزانو ڏوهي وارداتون ٿي رهيون آهن ۽ شهر جي وچ ۾ به ڌاڙا لڳي رهيا آهن، جنهن سبب شهري سخت پريشان آهن.
شهرين آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته پيرڳوٺ ۾ وڌندڙ بدامنيءَ جو فوري نوٽيس وٺي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي شهرين جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.


