ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ضلعي ٽنڊوالهيار ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال وارين اسڪيمن ۾ مبينا بي ضابطگين، اڻپورن منصوبن ۽ غير معياري ڪم جي شڪايتن تي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ حرڪت ۾ اچي وئي آهي، جنهن پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي لاڳاپيل آفيسرن ۽ عملدارن کان رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.
اينٽي ڪرپشن پاران آر او پلانٽس ۽ ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۽ ڪارڪردگي بابت تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ اسڪيمن جا ٽينڊر، منظوريون، ٺيڪا، ادائيگيون، فعال ۽ غير فعال منصوبن جا تفصيل، ٺيڪيدارن جا نالا ۽ خرچ ڪيل فنڊن جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
اينٽي ڪرپشن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آصف علي راڄپر پاران ايگزيڪيوٽو انجنيئر پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ کي نوٽيس جاري ڪندي 12 آڪٽوبر تي منجهند 12 وڳي لاڳاپيل دستاويزن سميت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. شڪايتن جي تصديق لاءِ رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ۽ لاڳاپيل آفيسرن جا بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويندا.


