حيدرآباد (رپورٽ: راهبه خان) سنڌ يونيورسٽي ڀرسان ٽرالر جي رڪشا کي ٽڪر جي نتيجي ۾ فوت ٿيل ناري مهڪ ملاح بابت وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا آهن. پوليس ذريعن موجب، حادثي وقت رڪشا ۾ سوار نوجوان احمد کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪو حادثي کانپوءِ واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو هو.
ذريعن موجب، ڄاڻايل رات ڄامشورو ۾ هڪ خانگي پارٽي منعقد ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ مهڪ ملاح پڻ شرڪت ڪئي هئي. دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته پارٽي دوران جهيڙو ٿيو، جنهن کانپوءِ ناري اتان نڪري گهر وڃي رهي هئي ته رستي ۾ حادثي جو شڪار ٿي وئي.
پوليس موجب، فوت ٿيل ناري جي سڃاڻپ مهڪ ملاح طور ٿي آهي، جڏهن ته سندس لاش حيدرآباد جي سرد خاني منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته مهڪ ملاح سنڌ جي ڪنهن به يونيورسٽي جي شاگردياڻي نه هئي. واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


