Focus with Zardari

ڪراچي: ڪورنگي ۾ تازو ڄاول ٻار ۾ ايم پاڪس جي تصديق، مبينا غيرقانوني اسپتال سيل

2 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورنگي جي علائقي ملير 15 ۾ 20 ڏينهن جي تازو ڄاول ٻار ۾ منڪي پاڪس (ايم پاڪس) وائرس جي تصديق کانپوءِ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ڪارروائي ڪندي مبينا غيرقانوني اسپتال سيل ڪري ڇڏي، ڪارروائي دوران عطائي عملي پاران مزاحمت ڪئي وئي، جنهن کي پوليس جي مدد سان ناڪام بڻايو ويو.

ضلعي صحت آفيسر ڪورنگي پاران ٻار ۾ ايم پاڪس وائرس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ جاچ ڪئي وئي، جنهن دوران معلوم ٿيو ته ٻار جو طهر جنهن مرڪز ۾ ڪيو ويو هو، اتي استعمال ٿيندڙ اوزارن ۾ وائرس موجود هو. ٻار جي نمونن جي ڊائو ليبارٽري ۾ جاچ دوران ايم پاڪس جي تصديق ٿي.

شڪايت ملڻ تي سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي اختيارين، ضلعي صحت آفيسر ۽ ايس ايس پي ڪورنگي جي سهڪار سان ڪارروائي ڪئي. اختيارين موجب سعودآباد ٿاڻي جي حد ۾ قائم خانگي اسپتال غيرقانوني طور هلائي پئي وئي، جتي سيکڙاٽ عملي پاران ٻارن جا طهر ڪيا ويندا هئا.

ڪارروائي دوران اسپتال جي عملي مزاحمت ڪئي ۽ پنهنجن ساٿين کي به گهرايو، جڏهن ته پوليس جي مدد سان اسپتال جو معائنو ڪري ان کي سيل ڪيو ويو. بعد ۾ مبينا عطائي عملو ۽ ٻيا ماڻهو موقعي تان فرار ٿي ويا.

- Advertisement -

سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن موجب اسپتال ۾ صفائي سٿرائي جي ناقص صورتحال، انفيڪشن کان بچاءَ ۽ ان تي ضابطي جا مناسب انتظام نه هجڻ ۽ مبينا غيرقانوني طبي سرگرمين سبب مريضن جي صحت ۽ عوامي سلامتي کي خطرا هئا.

Share This Article
Leave a Comment