ملير (رپورٽر) ابراهيم حيدري جي جمع ڳوٺ ۾ 14 سالا گهرواري مسمات نسيمه جي منهن تي مبينا طور تي تيزاب هاريندڙ جوابدار ذيشان کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب جوابدار ذيشان گذريل ڏينهن پنهنجي 14 سالا گهرواري جي منهن تي تيزاب هاريو هو، جنهن جي نتيجي ۾ نينگري سخت زخمي ٿي پئي هئي. زخمي نينگري کي ايمبولينس ذريعي ابراهيم حيدري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو، جتان ميڊيڪل ليٽر جاري ٿيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ جناح اسپتال روانو ڪيو ويو هو.
واقعي بعد ابراهيم حيدري پوليس جوابدار جي ڳولا شروع ڪئي ۽ ڪارروائي ڪندي کيس گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.


