مائينز اينڊ منرلز واپارين جي پريس ڪانفرنس، لينڊ مافيا خلاف ڪارروائي جو مطالبو

3 Min Read

ڪراچي (پ ر ) ڪراچي ۾ مائينز اينڊ منرلز سان لاڳاپيل واپارين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان معدنيات جي دولت سان مالامال ملڪ آهي ۽ اهي معدنيات خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ڏورانهن علائقن مان ڪراچي آڻي ملڪي ضرورتن پوريون ڪرڻ سان گڏ ٻاهرين ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ڪيون وڃن ٿيون، جنهن سان ملڪ کي پرڏيهي ناڻو ملي ٿو ۽ معيشت کي هٿي ملي ٿي.

واپارين موجب ڪراچي ٻين ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ لاءِ آخري مرڪز آهي، تنهن ڪري حب ريور روڊ تي ويئر هائوسز ۽ مارڪيٽون قائم ڪيون ويون آهن، جتي ڪيترن ئي سالن کان مائينز اينڊ منرلز جو ڪاروبار جاري آهي.

پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو ته 2011 کان 2013 دوران سنڌ حڪومت واپارين کي 99 سالن جي ليز کانسواءِ ڪاروبار ڪرڻ کان روڪيو، جنهن بعد واپارين قانون موجب بورڊ آف ريونيو جي ذريعي ديهه گنپاس ۽ ديهه ماچڪو ۾ ليز حاصل ڪئي. ان کان پوءِ واپاري مسلسل ڪاروبار ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ جي ريونيو ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

واپارين دعويٰ ڪئي ته هو وقت سر ٽيڪس ادا ڪن ٿا، پر ڪراچي ۾ ڪجهه لينڊ مافيا ۽ ملڪ دشمن عنصر قانون تي عمل ڪندڙ ماڻهن کي هراسان ڪري رهيا آهن ۽ غير قانوني طور مالي فائدا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

هنن وڌيڪ الزام لڳايو ته 22 ۽ 23 مارچ جي رات ۽ عيد جي ٽئين ڏينهن ديهه ماچڪو واري علائقي ۾ قائم ويئر هائوسز ۽ هڪ مسجد تي حملو ڪيو ويو، مسجد کي نقصان پهچايو ويو ۽ علائقي واسين کي ڌمڪيون ڏنيون ويون ته جڳهه خالي ڪئي وڃي.

واپارين چيو ته جيڪڏهن حملو ڪندڙ سرڪاري ادارن سان لاڳاپيل هجن ها ته هو بغير نوٽيس ۽ لاڳاپيل اختيارين کي آگاهي ڏيڻ کانسواءِ اهڙي ڪارروائي نه ڪن ها. هنن ٻڌايو ته معاملي بابت عدالت مان اسٽي آرڊر پڻ حاصل ڪيو ويو آهي ۽ ڊپٽي ڪمشنر سميت ٻين اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو آهي.

پريس ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته لينڊ مافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ واپارين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن هو قانوني طريقي سان پنهنجو ڪاروبار جاري رکي سگهن ۽ ملڪ جي معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن.

واپارين صحافين کي به اپيل ڪئي ته هو هن معاملي کي اعليٰ اختيارين تائين پهچائڻ ۾ سندن ساٿ ڏين.

Share This Article
Leave a Comment