تجويز قبول ڪيو، نه ته وڏي تباهي ايندي: ٽرمپ جي ايران کي ڌمڪي

1 Min Read

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن هن آمريڪا جي تجويز ڪيل معاهدي کي قبول نه ڪيو ته اڳ کان وڌيڪ تباهي پکيڙيندڙ بمباري ڪئي ويندي

ٽروٿ سوشل تي پنهنجي پوسٽ ۾ آمريڪي صدر لکيو ته ”فرض ڪريو ته جيڪڏهن ايران معاهدي تي عمل ڪرڻ تي راضي ٿي ويو ته آمريڪي آپريشن ختم ٿي ويندو ۽ هرمز پٽي ايران سميت سڀني لاءِ کلي ويندي.

ان سان گڏ ئي هن ايران کي ڌمڪائيندي لکيو آهي ته ”پر جيڪڏهن هو راضي نه ٿيو ته بمباري شروع ٿي ويندي ۽ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ان جي سطح ۽ شدت اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هوندي..

واضح رهي ته ان کان اڳ به آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا کي ڪيترائي ڀيرا ڌمڪيون ۽ ڊيڊلائين ڏئي چڪو آهي.

Share This Article
Leave a Comment