ڀارت جي هر اڳرائي جو ڀرپور طاقت سان جواب ڏنو ويندو: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

1 Min Read

اسلام آباد/راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پاران ڀارتي جارحيت جي خلاف فيصلائتي ۽ ڀرپور جواب ڏيڻ جو عزم ظاهر ڪندي دشمن کي سخت چتاءُ ڏنو ويو آهي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ملڪي دفاع ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ پاڪ فوج جي صلاحيتن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي ڪنهن به اڳرائي جو جواب ڀرپور طاقت سان ڏنو ويندو.
هن واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو.
ٻئي طرف، 8 مئي 2025 تي پاڪ فوج جي ترجمان ڀارتي ڏڦيڙ کي وائکو ڪندي ٻڌايو ته جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارت پاران پاڪستاني حدن ۾ موڪليل سمورا اسرائيلي ڊرونز تباهه ڪيا ويا آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڀارت پنهنجي جارحاڻي قدمن سان سڄي خطي کي جنگ جي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته جڏهن پاڪستان جوابي حملو ڪندو ته ڀارتي ميڊيا کي ٻڌائڻ جي ضرورت نه پوندي، پر پوري دنيا ان جو مشاهدو ڪندي.
پاڪستان جي عسڪري قيادت پاران هڪ ڀيرو ٻيهر عزم ڪيو ويو آهي ته ملڪ جي سلامتي ۽ سرحدن جي حفاظت کي هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment