لنڊن/نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) هرمز سامونڊي لنگهه ۾ آمريڪا ۽ ايران جي فوجي جٿن وچ ۾ جهڙپن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ وڏي واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن توانائي مارڪيٽ ۽ سرمائيدارن ۾ سخت بي چيني پيدا ڪري ڇڏي آهي.
آمريڪي ۽ ايراني فورسز وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ جنگ بندي جي ڪوششن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ تيل جي مارڪيٽ ۾ چاڙهه شروع ٿي ويو آهي.
عالمي معيار جو تيل برنٽ ڪروڊ گذريل ڏينهن 7.5 سيڪڙو تائين وڌي ويو، جيڪو هڪ وقت تي 103.70 ڊالر تائين پهچي ويو هو، جڏهن ته هن وقت عالمي مارڪيٽ ۾ ان جي قيمت 101.12 ڊالر في بيرل تي برقرار آهي.
ٻئي طرف، آمريڪي ڪچي تيل جي قيمت ۾ به 3 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ اهو 97.26 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو آهي.
توانائي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن بحران سبب عالمي سطح تي روزانو 14.5 ملين بيرل تيل جي سپلاءِ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي ته ان جا عالمي معيشت، توانائي جي فراهمي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن تي ناڪاري اثر پوندا.
هرمز لنگهه ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ بعد عالمي منڊي ۾ ڪچو تيل مهانگو
Leave a Comment Leave a Comment

