لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان جي دوري لاءِ پنهنجي ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
مچل مارش 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل هن سيريز ۾ آسٽريلوي ٽيم جي قيادت ڪندو.
اعلان ڪيل اسڪواڊ ۾ اليڪس ڪيري، نيتھن ايلس، ڪيمرون گرين، جوش انگلس، مارنس ليبوشين، ايڊم زمپا، ميٿيو شارٽ ۽ ٻيا رانديگر شامل آهن.
سيريز جي پهرين ميچ 30 مئي تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي، جنهن کانپوءِ 2 ۽ 4 جون تي لاهور ۾ باقي ٻه ميچون ٿينديون.
ان سان گڏوگڏ، ڪرڪيٽ آسٽريليا بنگلاديش جي دوري لاءِ به وائٽ بال ٽيمن جو اعلان ڪيو آهي، جتي ڪنگروز 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي-20 ميچون کيڏندا.

ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان خلاف 3 ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

