ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم رهڻ جو امڪان

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي پاران ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي جي رپورٽ موجب، اڄ ڪراچي جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گذريل رات گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27.6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڏکڻ-اولهه کان 12 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن، پر هوا ۾ گهم جو تناسب 75 سيڪڙو هجڻ ڪري شهرين کي گرمي جي شدت وڌيڪ محسوس ٿيندي.
سمنڊ طرفان ايندڙ هوائن ۾ گهم جي ڪري موسم ۾ ٻوسٽ ۽ گرمي جي لهر برقرار رهڻ جو خدشو آهي.

Share This Article
Leave a Comment