ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صوبي سنڌ جي 9 ضلعن ۾ خالي ٿيل 13 مختلف لوڪل ڪائونسلن جي سيٽن تي ضمني بلدياتي چونڊون 17 مئي 2026ع تي ٿينديون، جن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
چونڊون حيدرآباد، ڄامشورو، دادو، سجاول، سکر، گهوٽڪي، نوشهروفيروز، ميرپورخاص ۽ جيڪب آباد جي مختلف ڪائونسلن ۾ ٿينديون.
ضمني چونڊن دوران ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر جون 5، چيئرمين جون 2، وائيس چيئرمين جون 2 ۽ جنرل وارڊ ميمبر جون 4 سيٽون شامل آهن.
چونڊ عمل جي شفاف ۽ آزاداڻي انعقاد لاءِ 9 ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر، 12 ريٽرننگ آفيسر، 9 ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر ۽ 12 مانيٽرنگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن. انهن ڪائونسلن ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 98 هزار 808 آهي، جن ۾ 53 هزار 832 مرد ۽ 44 هزار 976 عورت ووٽر شامل آهن.
مجموعي طور 73 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 59 انتهائي حساس، 11 حساس ۽ 3 نارمل قرار ڏنا ويا آهن. جڏهن ته ڪشمور، شڪارپور، خيرپور، شهيد بينظيرآباد، سانگهڙ، ٽنڊو الهيار، مٽياري، بدين ۽ ٺٽي ۾ سمورن اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي سبب اتي پولنگ نه ٿيندي.


