هر قسم جا ٽيڪس ختم ڪيو، آءِ ايم ايف وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )آءِ اي، ايف پاڪستان کان سيلز ٽيڪس ۾ هر قسم جي ڇوٽ ۽ استثنا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف ۽ ايف بي آر وچ ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ بابت ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن.

 ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن ۽ ايف بي آر عملدارن وچ ۾ اڄ 3 اهم گڏجاڻيون شيڊيول آهن جن ۾ ٽيڪس وصولين، نون ٽيڪسن ۽ ايندڙ مالي سال جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو.

 آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال لاءِ 15 هزار 264 ارب رپين جي ٽيڪس هدف تي زور ڏئي رهيو آهي جڏهن ته ايف بي آر ان هدف ۾ گهٽتائي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف انفورسمنٽ قدمن ذريعي وڌيڪ 778 ارب رپيا وصول ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي، جڏهن ته ايندڙ بجيٽ ۾ 430 ارب رپين جا نوان ٽيڪس قدم به غور هيٺ آهن جن بابت ايف بي آر آءِ ايم ايف کي تفصيلي بريفنگ ڏيندو.

 ذريعن موجب ايف بي آر ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٽيڪس هدف کي جي ڊي پي جي 11.2 سيڪڙو برابر رکڻ تي اتفاق پڻ ٿي ويو آهي.

 ٻئي طرف آءِ ايم ايف موجوده 22.8 سيڪڙو سيلز ٽيڪس شرح گهٽائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي پر ان سان گڏ سڀئي استثنا ختم ڪرڻ جو مطالبو برقرار رکيو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment