پ پ اڳواڻن جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات، بلاول ڀٽو زرداري طرفان گلدستو پيش ڪيو

1 Min Read

ڪراچي ) ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ ايم پي اي امداد پتافي سومرو هائوس ڪراچي پهچي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ڪراچي آمد تي ڀليڪار ڪيو ۽ بلاول ڀٽو زرداري طرفان گلدستو پيش ڪيو.

ملاقات دوران ملڪي، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته آئين، پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت ٻنهي جماعتن جي موقف ۾ هم آهنگي موجود آهي۔

مولانا فضل الرحمان چيو ته آئين ۽ جمهوريت کي بي معنيٰ بڻائڻ جون ڪوششون ملڪ لاءِ خطرناڪ آهن، پارليامينٽ کي مضبوط ۽ عوامي راءِ جو حقيقي ترجمان بڻائڻو پوندو۔

هن چيو ته آئين پاڪستان قومي ميثاق آهي ۽ ان جو تحفظ هر شهري جي ذميواري آهي، جڏهن ته سياسي قوتن کي جمهوريت، آئين ۽ پارليامينٽ جي تحفظ لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي۔

ملاقات ۾ مولانا راشد محمود سومرو، قاري محمد عثمان، علامه ناصر محمود سومرو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ شريڪ هئا۔

Share This Article
Leave a Comment